مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀارت کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي، ورلڊ بينڪ جي پاڪستان کي تجويز

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ورلڊ بينڪ  پاڪستان کي تجويز ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين کي اقتصادي راهداري واري منصوبي ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي ملڪن خاص ڪري ڀارت کي به شامل ڪرڻ گهرجي. ورلڊ بينڪ مطابق سي پيڪ  منصوبي ۾ وڌيڪ ملڪن کي شامل ڪرڻ سان پاڪستان جي معيشيت کي فائدو حاصل ٿيندو. “معاشي ۽ سماجي هدف ۽ سفارشن تي مشتمل سئو سالن جو پاڪستان” نالي رپورٽ ۾ ورلڊ بينڪ چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ ذريعي پنهنجي تجارت کي 18 ارب 48 ڪروڙ ڊالر جي موجوده سطح کان 2047 تائين 58 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهي ٿو. ورلڊ بينڪ پنهنجي تجويزن ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل ڪاروبار کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل چيمبر آف ڪامرس کي فعال بڻائين، ويزا جي طريقي کي آسان بڻائين، ان کان علاوه ٻئي ملڪ مذاڪرات شروع  ڪن ته جيئن ڪاروباري عمل شروع ٿي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو