مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گڏيل قومن پاران طالبان کان حملا بند ڪرڻ جو مطالبو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گڏيل قومن پاران افغان طالبان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته طالبان بهار جي موسم ۾ پنهنجا حملا بند ڪن، ٻي صورت ۾ افغان عوام کي انهن حملن جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ سميت تباهي ڏسڻي پوندي. ياد رهي ته قطر ۾ ٿيندر آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾  ڳالهين جي نئين دور کان اڳ ۾ طالبان پاران موسم بهار جي حملن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي افغانستان ۾ آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي برادري پاران هن مرحلي تي  گڏجي هلڻ جو چيو ويو آهي  ۽ هاڻي عسڪريت پسندن لاءِ موقعو آهي ته اهي جنگ بندي تي توجهه ڏين. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن پاران هن معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ ظاهر ڪري ٿو ته جنگ کي وڏو عرصو گذري ويو آهي ۽ هاڻي جنگ بندي ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. گڏيل قومن جي اداري پاران افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو ۽ ان عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افغانستان حڪومت جي ڪوششن جي مڪمل حمايت  جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو