مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يو اي اِي طرفان پاڪستان کي اعلانيل 6.2 بلين ڊالر بيل آئوٽ جون شرطون طئي ٿي ويون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان ڪالهه پاڪستان کي 6.2 بلين ڊالرن جي بيل آئوٽ پئڪيج جون شرطون طئي ڪري ڇڏيون. هن بيل آئوٽ پئڪيج مطابق 3 بلين جو قرض ڏنو ويندو جنهن تي وياج 2.8 سيڪڙو ورتو ويندو. ان کان علاوه 3.2 بلين ڊالرن جو تيل به مهيا ڪيو ويندو. ياد رهي ته يو اي اِي جي حڪومت پاران وزيراعظم عمران خان جي نومبر 2018 واري يو اي اِي جي دوري دوران هن پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح رهي ته يو اي اِي پاران ڏنل هن بيل آئوٽ پئڪيج ۾ ساڳيون شرطون رکيون ويون آهن جيڪي سعودي عرب رکيون هيون ۽ ٻنهي پئڪيجن بعد پاڪستان تيل جي درآمد تي 7.9 بلين ڊالر جي بچت ڪري سگهندو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو