مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سامونڊي طوفان وايو ڪراچي جي ويجهو پهچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

عرب ملڪن جي سامونڊي علائقن مان شروع ٿيل سامونڊي طوفان وايو جا اثر ڪراچي شهر ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ ڪراچي گرمي جي لهر جي اثر هيٺ هوندي. موسميات کاتي شهرين کي احتياطي تدبيون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سائيڪلون وايو شدت اختيار ڪندي ٽراپيڪل سائيڪلون ۾ تبديل ٿي ويو آهي. وايو طوفان هن وقت ڪراچي کان 800 ڪلو ميٽر پري سمنڊ ۾ موجو آهي ۽ 10 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳيان وڌي رهيو آهي. طوفان مان في الحال پاڪستان جي سامونڊي پٽي کي ڪوبه نقصان نه پهچندو جڏهن ته طوفان جا اثر بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ ۾ تيز آنڌي جي صورت ۾ ايندا. طوفان جي ويجهو پهچڻ سبب ڪراچي ۾ گرمي جي لهر ۾ تيزي اچي وئي آهي جيڪا ٽن ڏينهن تائين برقرار رهندي. موسميات کاتي پاران طوفان وايو سبب مهاڻن کي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو