مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعودي ولي عهد چين پهچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پنهنجي ايشيا جي دوري جي اڳئين مرحلي ۾ چين پهچي ويو آهي. هن دوري ۾ شهزادو چين جي صدر شي جنگ پن ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو. هن موقعي تي چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سعودي عرب ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ بهتري آئي آهي. چين کي اميد آهي ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ واڌارو ايندو. سعودي عرب چين کي تيل وڪرو ڪندڙ اهم ملڪ آهي. جڏهن ته چين جي سامان لاءِ سعودي عرب هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. ياد رهي ته چين کانپوءِ سعودي ولي عهد ڪوريا ويندو.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو