مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعودي عرب پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ طرف قدم وڌائي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي عرب پرڏيهين کي ملڪ اندر خاص قسم جو اقاما ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن اقاما تحت پرڏيهي سعودي عرب اندر وڏي عرصي تائين رهي سگهندا. هي اقاما ريزيڊنسي پرمٽ برابر هوندو. جنهن کي حاصل ڪندر شخص کي سعودي شهري جهڙا حق حاصل هوندا. اهڙو اقاما حاصل ڪندڙ شخص پنهنجي ملڪ مان پنهنجي خاندان کي وزٽ ويزا تي سعودي عرب آڻي سگهي ٿو. ڊوميسٽڪ ورڪرن کي نوڪري ڏيئي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪابه جائيداد خريد ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب جي شورا جي اجلاس ۾ شورا جي صدر عبدالله الشيخ پاران اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن قسم جي اقاما کي حاصل ڪرڻ لاءِ في ادا ڪئي ويندي. هي اقاما ٻن مدن لاءِ ملي سگهندا. هڪڙو اقاما هڪ سال لاءِ ڏنو ويندو ۽ ٻئي اقاما ۾ وقت جي ڪا به حد نه هوندي. هن قسم جي اقاما لاءِ هڪ نئون پاسپورٽ، مناسب مالي صورتحال، بهتر صحت ۽ صاف ڪرمنل رڪارڊ جو هجڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو