مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان کي ملندڙ سعودي پئڪيج واري رقم ۾ هڪ ارب ڊالر ملي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان مطابق پاڪستان کي سعودي پئڪيج تحت وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويو آهي، جنهن بعد ملڪ اندر پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب 24 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن. جنوري ۾ هڪ ارب ڊالرن جي وڌيڪ رقم وصول ٿي ويندي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ مدد ملي ويندي. ياد رهي ته آڪٽوبر واري مهيني ۾ وزيراعظم سعودي عرب جو دورو ڪيو هو، ان موقعي تي سعودي عرب هڪ سال لاءِ پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ ٽي ارب رپيا رکڻ ۽ 3 ارب ڊالرن جو تيل اوڌارو ڏيڻ جي رضا مندي جو اظهار ڪيو هو، جنهن بعد سعودي عرب گذريل مهيني هڪ ارب رپيا ڊپازٽ ڪيا هئا. ۽ هن مهيني وڌيڪ هڪ ارب رپيا ڊپازٽ ڪيا آهن ۽ ٽيون ارب ڊالر ايندڙ مهيني ڊپازٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي طرف معاشي ماهرين جو چوڻ آهي ته سعودي ڊپازٽ پاڪستان جي اڪائونٽن ۾ آڻڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي  دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت ۾ بهتري اچي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو