مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان آمريڪا لاءِ خطرناڪ ملڪ نه آهي، آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ ڪائونسل آف فارين رليشنز پاران پاڪستان جو نالو آمريڪا لاءِ خطرناڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي. 2019  پهريون سال آهي جڏهن پاڪستان جو نالو هن لسٽ ۾ موجود نه آهي. آمريڪا جي ڪائونسل آف فارين رليشنز جو خيال آهي ته پاڪستان هاڻي آمريڪا لاءِ خطرناڪ ملڪ نه آهي. ياد رهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ باوجود به پاڪستان پنهنجو نالو هن لسٽ مان خارج نه ڪرائي سگهيو هو. جڏهن ته ان جنگ ۾ هزارين پاڪستانين جون جانيون پڻ قربان ٿيون ۽  مالي طور تي به پاڪستان کي وڏو نقصان رسيو. نه رڳو اهو پر دهشتگردي جي هن جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ باوجود  ان جنگ جو رخ پاڪستان ڏانهن  پڻ ٿي ويو. ان حوالي سان به پاڪستان کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي دهشتگرد ملڪ طور سڃاڻپ اختيار ڪري ويو. ان کان علاوه اهي پاڪستاني جيڪي آمريڪا ويندا رهيا آهن انهن سان به غير مهذب رويو رکيو ويو. هڪڙي وقت آمريڪا جي ايئرپورٽ تي پاڪستان جي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي پڻ تلاشي لاءِ پنهنجن ڪپڙن کان آجو ڪري تلاشي ورتي وئي. ان حالت مان واپس اچڻ پاڪستانين لاءِ هڪ خوشخبري آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو