مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان جي موبائيل ايپ عالمي مقابلي ۾ ٻين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ورلڊ گورنمينٽ ڍ ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ عالمي اينڊرائڊ  ايپ جي  مقابلي ۾ مقابلي ۾ پاڪستاني ايپ ٻين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. هن مقابلي ۾ سڄي دنيا جي 87 ملڪن مان 4 هزار 646 اينڊ رائيڊ ايپليڪيشنون  موڪليون ويون هيون. فائنل مقابلي لاءِ 21 ايپليڪيشنز کي 7 مختلف ڪيٽيگريز لاءِ چونڊيو ويو ۽ هر ڪيٽيگري ۾ 3 ايپليڪيشنز وچ ۾ مقابلو ٿيو. پاڪستاني ايپ جو مقابلو سرڪار پاران عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ٺاهيل ايپ ۾ ٿيو. پاڪستان پاران تيار ڪيل هن ايپ کي اڃان 100 ڏينهن ئي ٿيا آهن ۽ ان کي اهو اعزاز مليو آهي، جنهن بعد هن ايپ کي عالمي پذيرائي ملي آهي، جنهن کانپوءِ اها ايپ گوگل پلي اسٽور جي 7 بهترين ايپليڪيشنز ۾ شامل ٿي وئي آهي. عوام طرفان هن وقت تائين ان ايپ کي 28 هزار اسٽارز مليا آهن ۽ هن وقت تائين لکن جي تعداد ۾ ماڻهن هن ايپ کي رجسٽر ڪيو آهي جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو