مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سي پيڪ تحت ٺهندڙ هڪڙو پاور پروجيڪٽ ملتوي ٿي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد پاران بيجنگ کي ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ توانائي جي مناسب مقدار ۾ پيداواري صلاحيت هجڻ سبب 1320 ميگاواٽ طاقت واري رحيم يار خان توانائي منصوبي ۾ دلچسپي نه رهي آهي ۽ ان کي سي پيڪ جي توانائي وارن منصوبن مان خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن فيصلي بابت گذريل مهيني چين کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو هو جڏهن ته هاڻي اهو فيصلو ورتو ويو آهي. هن پلانٽ کي شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيو ويو هو پر هاڻوڪي حڪومت چيو آهي ته هن پروجيڪٽ جي ڪابه ضرورت نه آهي ۽ ان کي هلائڻ سان ملڪ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيندو. خبرن موجب هن منصوبي کي پهريون دفعو 2016 ۾ سي پيڪ جي منصوبن مان خارج ڪيو ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي ديا مير ڀاشا ڊيم کي آندو ويو هو پر ڪجهه سببن ڪري ڊيم به سي پيڪ منصوبن تحت نٿو هلائي سگهجي.  ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي عهديدار چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت پي ايس ڊي پي جي شمشماهي جائزي ۾ سياسي بنيادن تي شروع ڪيل 400 ترقياتي منصوبن کي خارج ڪرڻ لاءِ پنهنجو ذهن ٺاهي ورتو آهي، جنهن بابت هن وقت غور ڪيو پيو وڃي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو