مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀارت پاڪستان جو F-16 جهاز ناهي ڪيرايو: آمريڪي رسالو فارين پاليسي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي رسالي فارين پاليسي ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ڀارت پاڪستان جي ڪنهن به F-16 جهاز کي تباهه نه ڪيو آهي. آمريڪا جي ٻن دفاعي اهلڪارن فارين پاليسي مئگزين کي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ڀارت پاڪستان جي F-16 جهاز ڪيرائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان آمريڪا کي پنهنجا F-16 جهاز ڳڻڻ جي پيشڪش ڪئي هئي جنهن بعد آمريڪا جي اهلڪارن پاڪستان جا F-16 جهاز ڳڻيا ۽ اهي سڀ جهاز موجود هئا. جنهن بعد رسالي پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ڪوبه F-16 جهاز غائب ڪونهي ۽ اها دعويٰ نريندر مودي جي اليڪشن ڪئمپئن جو حصو آهي. آمريڪا جي رسالي پاران هيءَ خبر ان وقت آئي آهي جڏهن ڀارت جي چونڊن ۾ صرف هڪ هفتو رهجي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو