مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان پهچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مذاڪرات اڄ ٿيندا. جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان پهچي ويو آهي پاڪستان آءِ ايم ايف کان 6 کان 7 ارب ڊالر خرچ وٺي سگهي ٿو. وفاقي خزاني واري وزارت جو چوڻ آهي ته وفد سان مذاڪرات ڪرڻ لاءِ دستاويز تيار ڪري ورتا آهن. گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا آءِ ايم ايف کي پروگرام جا دستاويز پيش ڪندو. پاڪستان صرف 6 کان 7 ارب ڊالر ئي قرض وٺندو. وزارت طرفان اهو به چيو ويو آهي ته پروگرام ۾ قرض جي واپسي جا تفصيل به ڏيڻا پوندا. ان کان علاوه آءِ ايم ايف جي وفد کي گردشي قرضن ۽ سبسڊي ۾ گهٽتائي جي لاءِ به قدمن تي بريفنگ ڏني ويندي. واضح رهي ته انڊونيشيا ۾ وفاقي وزير خزانا اسد عمر ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ سميت ٻين عملدارن به عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽين لاگارڊ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آءِ ايم ايف کان قرض لاءِ سڌي ريت درخواست ڪئي وئي هئي.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو