مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ يونيورسٽي جي وي سي کي هٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت کي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي پوسٽ تان هٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت کي وي سي جي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي انڪوائري ڪميٽي کي جاچ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مٿان ڪرپشن جا الزام اچڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سندس مٿان لڳل الزامن بابت انڪوائري ڪرائڻ لاءِ ناهيد شاهه دراني کي جاچ ٽيم جو اڳواڻ مقرر ڪندي فتح محمد برفت کي وي سي جي عهدي تان به هٽائي ڇڏيو هو. ساڳئي وقت وڏي وزير هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي صديق ڪلهوڙو کي نئون وي سي مقرر ڪيو هو، جنهن بعد فتح محمد برفت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيدرآباد رجسٽري ۾ معطلي خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو