مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سانحي ساهيوال جو جي آءِ ٽي جو اڳواڻ رڪارڊ سميت طلب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سردار محمد شميم خان ساهيوال سانحي جي جڊيشل انڪوائري لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، پنجاب جي آءِ جي امجد جاويد سليمي کان سوال ڪيو ته آءِ جي صاحب هي وڏي ظلم جي ڳالهه آهي پوليس کي ڪنهن اختيار ڏنو ته اها سڌيون گوليون هلائي جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته گوليون هلائيندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي آفيسرن کي به برطرف ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن واقعي جي مڪمل انڪوائري 30 ڏينهن ۾ پوري ٿيندي. جنهن بعد چيف جسٽس چيو ته هي معاملو انتهائي نازڪ آهي جنهن لاءِ ٻه رڪني بينچ جوڙيون پيا. تمام ڊي پي اوز کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ته صوبي ۾ ان طرح جو واقعو ٻيهر نه ٿئي. ٻڌڻي جي آخر ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ، جي آءِ ٽي جي اڳواڻ کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو