مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وفاق صوبن کان ٽيڪس وصولي جا اختيار کسڻ چاهي ٿو: مراد علي شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق صوبن کان ٽيڪس جي وصولي جا اختيار کسڻ چاهي ٿو. موجوده سال وفاق سنڌ صوبي جا 104 ارب ڊالرن جا وفاقي فنڊ به منتقل نه ڪيا آهن جنهن سان ترقياتي پروجيڪٽن ۾ رخنو پوندو. هڪ اين جي او طرفان منعقد ڪيل ڪنوينشن ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ٽيڪس وصولي جي هدف کي حاصل نه ڪري سگهڻ ڪري صوبن جا اختيار کسڻ چاهي ٿي. جنهن ۾ زرعي ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، سروسز ۽ پراپرٽي ٽيڪس شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 5 سالن ۾ ٽيڪس وصولي ۾ 22 سيڪڙو واڌارو ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته وفاقي حڪومت صرف 8 سيڪڙو واڌارو آڻي سگهي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو