مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اي سي سي اجلاس ۾ اسٽيل مل جي مستقبل جو فيصلو اڄ ٿيندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي خزاني واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ۾ اسٽيل مل جي مستقبل جو فيصلو اڄ ڪيو ويندو. هن اجلاس ۾ اسٽيل مل کي هلائڻ بابت مختلف طريقن تي غور ڪيو ويندو. خبرن موجب چيو پيو وڃي ته اسٽيل مل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. جنهن لاءِ روسي ۽ چيني ڪمپنين پاران اسٽيل مل کي هلائڻ جون پيشڪشون ڪيون آهن انهن  پيشڪشن تي به غور ڪيو ويندو. ياد رهي ته ٽن چيني ۽ ٽن روسي ڪمپنين پاران اهڙيون پيشڪشون ڪيون ويون آهن ٻئي طرف اسٽيل مل کي هلائڻ لاءِ ڪميٽي جي رپورٽ کي به اي سي سي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. جنهن  کان علاوه اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ماهرن جي رپورٽ به پيش ڪئي ويندي. جنهن ۾ ٽي تجويزون ڏنيون ويون آهن. پهرين تجويز اها آهي ته حڪومت اسٽيل مل کي پاڻ هلائي سگهي ٿي. ٻين تجويز اها آهي ته اسٽيل مل کي ليز تي ڏنو وڃي. ٽين تجويز اها آهي ته اسٽيل مل جي نجڪاري ڪئي وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو