مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اندر اعلان باوجود سي اين جي اسٽيشنون نه کلي سگهيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ صوبي اندر سي اين جي بندش جو ڇهون ڏينهن، سي اين جي اسٽيشن بند هجڻ سبب روڊن تي ٽرانسپورٽ گهٽ آهي. جڏهن ته ٽرانسپورٽ مافيا پاران ڪراين ۾ اضافي سبب عوام پريشاني کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ياد رهي ته سي اين جي ايسوسئيشن چيو هو ته اڄ سي اين جي اسٽيشنون کلي وينديون ان اعلان تي به عمل نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  عوام ۽ ٽرانسپورٽرن سي اين جي ترت کولڻ جي گهر ڪئي آهي. ٻئي طرف خبرن مطابق چيو پيو وڃي ته اڄ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي بحالي شروع ٿي ويندي. واضح رهي ته سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران سڄي صوبي جي سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي هئي جنهن سبب مصنوئي بحران پيدا ٿي ويو هيو، بعد ۾ انڪشاف ٿيو ته سنڌ جي گئس پنجاب کي فراهم ڪئي پئي وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو