مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چيف جسٽس ثاقب نثار اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار اڄ پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس جي عهدي تي رهندي جسٽس ثاقب نثار ڪيترائي پاڻ مرادو نوٽيس ورتا. عدليه ۾ بهتري لاءِ مختلف قدم کنيا ۽ هن اڪثر موڪل جي ڏينهن ۾ به عدالت ۾ ٻڌڻيون ڪيون ۽ ڪيس هلايا. ٻئي طرف نامزد چيف جسٽس آصف سعيد کوسا سڀاڻي چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليندو. حلف برداري واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿيندي. تقريب ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم ۽ چيئرمين سينيٽ کي دعوت ناما موڪليا ويا آهن. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 21 ڊسمبر 1954 تي پنجاب جي شهر ڊيرا غازي خان ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪيائين. بي اي گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ڪيائين ۽ پنجاب يونيورسٽي مان ايم اي انگلش ڪيائين، جنهن بعد برطانيه مان وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1976ع ۾ وڪيل بڻيو.

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو