مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ واڌ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي بينڪنگ ڪورٽ پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، شهزاد علي، زين ملڪ، اقبال خان نوري، ذوالقرنين مجيد ۽ نمر مجيد خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿيا. سندن وڪيل پاران ضمانتن ۾ واڌ جي درخواست پيش ڪئي وئي جنهن کي منظور ڪيو ويو. عدالت پاران آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ جي درخواستن ۾ 23 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران ملزمن جي وڪيل عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي کي حتمي چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جنهن تي جج پاران چيو ويو ته اسان کي سپريم ڪورٽ پاران ڪارروائي کان روڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم بغير اسان ڪابه ڪارروائي نٿا ڪري سگهون. هن موقعي تي عدالت ٻاهران پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو هڪ وڏو انگ عدالت ۾ پهچي ويو، جنهن سبب ڌڪ ڌڪان ٿي وئي ۽ سيڪيورٽي پاران انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان دوران رش ۾ ڌڪا ڏيڻ سبب فريال ٽالپر جي طبيعت خراب ٿي پئي. ٻئي طرف سپريم ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن ڪيسن جي جي آءِ ٽي مان بلاول ڀٽو زرداري جو نالو ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو