مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس، آصف علي زرداري کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪالهه 10 جون تي نيب پاران گرفتار ڪيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نيب عدالت کان آصف علي زرداري جي جسماني رمانڊ لاءِ درخواست ڪندي. احتساب عدالت جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جڊيشل ڪامپليڪس جي چوڌاري سيڪيورٽي لاءِ 1500 اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس پاران جڊيشل ڪامپليڪس ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن کي داخلا نه پئي ڏني وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي احتساب بيورو پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو هو.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو