مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ماتلي جي ميونسپالٽي چيف خلاف عدم اعتماد واري رٿ پيش

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ماتلي جي ميونسپالٽي چيف عبدالرئوف نظاماڻي خلاف عدم اعتماد واري رٿ پيش ٿيڻ بعد سندس معطلي جو امڪان ظاهر ٿي ويو آهي. ٽريزري بينچ جي ميمبر علي نواز ڪشميري پاران عبدالرئوف نظاماڻي خلاف عدم اعتماد واري رٿ لاءِ ماتلي جي چيف ايگزيڪيوٽو کي درخواست جمع ڪرائي وئي هئي. ياد رهي ته عبدالرئوف نظاماڻي اڪثريت ووٽ حاصل ڪرڻ ۽ پيپلز پارٽي جي تنزيلا قمبراڻي کي هارائڻ بعد ميونس پالٽي جو چيف مقرر ٿيو هو. درخواستگذار پاران چيو ويو آهي ته چيئرمين پنهنجي ميونسپل ڪميٽي جي حد ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ سبب شهرين جي اعتماد کي به وڃائي چڪو آهي. جنهن سبب هو چيئرمين جي عهدي تي رهڻ جي اهليت وڃائي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو