مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا جي ڪمپني پاڪستان اندر 200 ملين ڊالرن جي سيڙپ ڪندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي خوراڪ واري شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني ڪارگيل (Cargill) جي ٽيم وزيراعظم سان ملاقات ۾ چيو آهي ته ڪارگيل ڪمپني پاڪستان اندر 200 ملين ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪندي. هن ڪمپني جي ٽيم پاران چيو ويو آهي ته اها ملڪ اندر عالمي سطح جي خوراڪ ۽ زرعي جنسن کي آڻي، پاڪستان ۾ سيڙپ ذريعي ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهري ٿي. واضح رهي ته هيءَ ڪمپني زرعي تجارت ۽ سپلاءِ چين ۾ وسعت، کائڻ جي تيل، ڊيري، گوشت ۽ جانورن جي خوراڪ ۽ ان جي سيفٽي تي ڪم ڪندي آهي. ڪارگيل ڪمپني جي آفيسرن چيو ته هنن جي ڪمپني پوئين حڪومتن ۾ به سيڙپ ڪرڻ جي خواهشمند هئي پر ان وقت جي حڪومتن جي ڪرپشن بد انتظامي سبب ڪمپني نااميد ٿي وئي هئي ۽ سيڙپ ڪاري نه ڪري سگهي هئي. جڏهن ته موجوده حڪومت جي پاليسين سبب هن ڪمپني هڪ دفعو ٻيهر اهو فيصلو ڪيو آهي ته اها پاڪستان اندر ڪاروباري سيڙپ ڪندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو