مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان آمريڪا لاءِ هميشه خاص اهميت وارو ملڪ رهندو: آمريڪا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪا جي سينٽرل ڪمانڊ جي اڳواڻ جنرل جوزف ووٽل آمريڪي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جي روبرو چيو آهي ته روس چين انڊيا ايران وچ ۾ موجود ايٽمي ملڪ پاڪستان آمريڪا لاءِ هميشه اهميت جوڳو رهندو. آمريڪي ڪمانڊر جو چوڻ آهي ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم هوندو. افغانستان ۾ 17 سالن کان جاري جنگ ۾ پاڪستان مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريڪا به جنگ جي خاتمي جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آمريڪي ڪمانڊر جنرل جوزف افغانستان ۾ سياسي بحران کي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته سياسي استحڪام کان بغير امن جو قيام ٿي نه سگهندو ۽ آمريڪا افغانستان ۾ امن جي قيام ۾ ٻين حلقن سان گڏ پاڪستان جي مثبت ڪردار نڀائڻ جي خواهشمند آهي. آمريڪي ڪمانڊر ڪميٽي آڏو وڌيڪ چيو ته افغانستان جي معاملي کي حل ڪرڻ جي صورت ۾ ڌرين جي تحفظن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو