مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڌوني آيو، کيڏيو ۽ هن فتح حاصل ڪئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻو پاڪستان جو ڪپتان وسيم اڪرم اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني کي خراج تحسين پيش ڪندي کيس پنهنجي پسنديده رانديگرن ۾ قرار ڏنو آهي. ڌوني جي رٽائرمينٽ تي تبصرو ڪندي وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته مهندر سنگهه ڌوني سندس پسنديده رانديگرن مان هڪ آهي. وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته ڌوني اهڙو رانديگر هو جيڪو آيو، کيڏيو ۽ فتح حاصل ڪئي. ڌوني بطور ڪپتان ڀارت کي ورلڊ ڪپ، ٽي ٽوئنٽي ۽ چيمپيئنز ٽرافي کٽرائي. اڳوڻي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڌوني نڊر رانديگر هو جيڪو حريف کان ڊڄڻ ڄاڻندو ئي نه هو. ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ڪامياب ترين ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مهندر سنگهه ڌوني کي ڀارتي ڪرڪيٽ جو ڪامياب ترين ڪپتان چيو وڃي ٿو. هن پنهنجي شاندار ڪيريئر ۾ ڀارت کي 3 آءِ سي سي ٽرافيز ڏياريون جن ۾ 2007 جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، 2011 جو 50 اوور ورلڊ ڪپ ۽ 2013 جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي شامل آهن. ڌوني آخري انٽرنيشنل ميچ ورلڊ ڪپ 2019 جي سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي خلاف کيڏيو هو جنهن ۾ ڀارت کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو