هڪ ڊڪٽيٽر جي وقت کي نه دهرايو
نئين قانوني ڍانچي وڪيل برادريءَ کي خدشن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي پريشان آهن ته ڇا هي جنرل مشرف جي
نئين قانوني ڍانچي وڪيل برادريءَ کي خدشن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي پريشان آهن ته ڇا هي جنرل مشرف جي
گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جو مالي ۽ معاشي نظام لاهن چاڙهن ۾ هو. هڪ دور اهڙو به هو
هاڻوڪي سياسي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ ادارن جي ساک ۽ پت وڃائجي چڪي آهي. ڪوبه ادارو پختو ۽
عشق جي منزل اڳي او قاضيان هن لفظ جي مفهوم کي سمجهڻ لاءِ صوفي ازم جي ڊڪشنري جو مطالعو ڪرڻو
ملڪن جي لاءِ قومي ترانو عزت، وقار ۽ ملڪ جي سڃاڻپ جي حيثيت رکندو آهي. جڏهن به اهو ترانو وڄايو
الله رب العالمين عز و جل جا ڪروڙ ها ڪروڙ بيشمار احسانات جو انهيءَ اسان کي اهڙي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو امتي بڻايو آهي. جنهن جي لاءِ تمام انبياءَ ڪرام، رسولن، پيغمبرن امتي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي فخر محسوس ڪيو ۽ انهيءَ عظيم هستيءَ جي پوئلڳي ۾ پنهنجي دائمي عافيت سمجهندي هر وقت درود و سلام جي ڪثرت ڪري الله جو راضپو حاصل ڪيو. هونئن ته پوري دنيا ۾ هر هنڌ تي بيشمار انسان ته انسان پر پرنده چرندا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، هر خشڪ و تر الله عز و جل جي پياري حبيب رئوف رحيم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جي نعت خواني ڪرڻ لاءِ مختلف انداز ۾ ثنا خواني ڪندا رهن ٿا.
تجويز هيٺ آيل آئيني ترميمي بل جنهن لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس آچر تي ٿيو، پر لڳي ٿو ته سياسي پارٽين ۾ انهن آئيني ترميمن تي يڪسوئي نه آهي. سڌ سماءَ جا ذريعا اهو ٻڌائين ٿا ته آئيني ترميمن جي بل ۾ مجموعي طور 54 تجويزون شامل آهن. انهيءَ دستاويز ۾ جيڪو اڃان منظور ٿيڻو آهي ان ۾ 54 تجويزون شامل آهن، جن ۾ اهم آرٽيڪل 63 ۽ 63-A ۾ پارلياماني پارٽي جي هدايتن جي خلاف ووٽ ڪرڻ تي ان ووٽ کي شمار ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي.
Daily Humsari Newspaper 17 September 2024
قومي اسيمبلي جي رٿابندي واري قائمه ڪميٽي ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ هڪ وڌيڪ موٽروي ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ اهو نئون موٽروي ڪراچي جي سامونڊي بندرگاهه سان ڳنڍيو ويندو. روڊ، رستا ۽ موٽرويز، زراعت، صنعت، واپار ۽ زندگيءَ جي مڙني شعبن لاءِ ضروري آهن. جيئن ته ڪراچي جو شهر پاڪستان جي مالياتي نظام جو مرڪز آهي ۽ حيدرآباد شهر صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. حيدرآباد جي واپار جي هڪ وڌيڪ خوبي اها آهي ته اهو زراعت سان لاڳاپيل آهي. زرعي جنسون، ڀاڄيون ۽ ميون جي ڪراچي تائين رسائي ۽ حيدرآباد کان ملڪ جي ٻين حصن تائين رسائي جو مکيه هنڌ آهي. انهيءَ جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جيترا به روڊ رستا ۽ موٽر ويز هوندا اوترو اچ وڃ ۽ سامان جي ترسيل ۾ سولائي ٿيندي.
Daily Humsari Newspaper 16 September 2024