هاڻوڪي سياسي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ ادارن جي ساک ۽ پت وڃائجي چڪي آهي. ڪوبه ادارو پختو ۽ قانون تي عمل ڪرڻ وارو ناهي رهيو. هر ادارو شخصي ويڙھ ۾ رڌل آهي، اهي سمجهن ٿا ته جيڪو اهي ٿا سمجهن اهو ڪير نٿو سمجهي، ان ڪري رياست پنهنجي طاقت جا زور هلائيندي رهندي ۽ جيئن وڻيس تيئن ڪندي وتندي. رياست اهو به سمجهي ٿي ته ائين ڪرڻ سان وفاقيت جا اثر وڌائي سگهجن ٿا. قومن کي گوڏن ڀرِ ڪيرائي وفاق انهن کان انهن جا بنيادي حق به کسي سگهي ٿو. وفاق وٽ اها طاقت به آهي جيڪا هنن بنگالين کي مڃائڻ ۽ جهڪائڻ لاءِ استعمال ڪئي هئي ۽ هاڻي به ائين ڪري سگهن ٿا. اداراتي داٻن کانسواءِ اڃان تائين اهي جيڪي به اڳواڻ ڪرسي ماڻين ٿا اهي چور دروازي کان ٿا اچن ۽ ڪجھ انتظار ۾ به آهن ته ويٺلن جون ٽنگون ڇڪي انهن کي ڪيرائي ڪرسي وٺي سگهجي ٿي باقي ٻيو ڪو پائيدار حل ناهي. هاڻي طاقت جو سرچشمو عوام ناهي رهيو ۽ نه ئي عوامي طاقت ڪجھ ڪري سگهي ٿي، جو عمران خان جي پويان سمورو ملڪ بيٺل آهي، ان جا ووٽر سموري ملڪ ۾ پکڙيل آهن، پر ڪجھ ڪري نٿا سگهن، اهي به جيل ۾ ويهي وري به چور دروازي ۽ ٽيبل تي ويهي ڳالهائڻ جي لاءِ آتا آهن. اهي چاهين ٿا ته انهن کي هاڻي به ڪير چاهي ۽ رياست انهن سان چاهت جو اظهار ڪري پر ڪير ڪري نه ٿو، ڇو ته طاقت جو سرچشمو عوام ناهي.