مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

شاعري

شاعري

ڪاش دل جي، گام جون سرگوشيون،
پاڻ ماڻيون، شام جون سرگوشيون.
تنهنجي هوندي، ڪيئن چاهيندا پرين،
پياس ۾ چپ، جام جون سرگوشيون.
سانتِ جي خوشبُو، اکين ۾ آھ دل،
ديس ۾ هڪ نام جون سرگوشيون.
ڪُوڪ ڪويل ۾، ڪنائي ٿي هوا،
گُل مُهر جي، لام جون سرگوشيون.
سِرِڪِيون ٿي، ساھ جي گُلدان ۾،
مهڪ ڪنهن، بينام جون سرگوشيون.
محل جي بُنياد ۾، آهِنِ دٻيل،

بلاگ

ڊائري جا ورق

ساجن لنڊن ۾ آهي، ياد به ايندو آهي. اڪثر ڳالهائيندا رهندا آهيون، پر جڏهن کان مون کي دل جي بيماري کانپوءِ، وري ٻيا عارضا ٿيا آهن، گردن ۽ نرن جا. تن کي به اچي مهينو کن ٿيو آهي، فائدو نه آهي. ائين ٿو لڳي ته هاڻ زندگي جي پڇاڙي اچي ٿي آهي. بيمارين اچي ورتو آهي. ٻي ته ڪا تمنا نه آهي، پر ساجن ياد ايندو آهي. سارنگ، منهنجي علاج ۽ خذمت ۾ لڳل آهي، علاج به مهانگو آهي، پر سارنگ دل سان خدمت ڪري رهيو آهي.

بلاگ

ملڪ جي قومي اسيمبلي به جيل بڻجي وئي!!

جڏهن اسان اهو چوندي نٿا ٿڪجون ته ملڪ جي قومي اسيمبلي اهڙو تقدس وارو ادارو آهي، جتي آئين ٺهندو آهي ۽ قانون سازي ٿيندي آهي، ان ۾ چونڊجي آيل ميمبرن کي حقِ استحقاق حاصل هوندو آهي. ڇو ته انهن مان هرهڪ 10 لک آدمشماري جو نمائندو هوندو آهي، جن جو ڪم قانون ٺاهڻ ۽ ان کي ملڪ اندر لاڳو ڪرڻ هوندو آهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ٿيندي آهي، پر جڏهن سندن ئي ٺهيل قانون جي ماتحت آفيسر يا ادارا کين اسيمبلي اندر ڊوڙائيندا وتن ته پوءِ اسيمبلي جي مان، شان، عزت جون ڳالهيون ڪرڻ ديواني جو خواب محسوس ٿئي ٿو.

بلاگ

ڀٽائي هڪ مفڪر، محقق ۽ جديد دور جو فلسفي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جديد دور جي فلسفياڻي علم جو پروفيسر اعظم، فلڪيات جو زبردست ڄاڻون، سائنسي دور جو نقاد، مشاهداتي علم جو عظيم محقق، فرقا پرستي جو سخت مخالف، انسانيت جي پيروڪار ۽ علمبردار سان گڏوگڏ هن جديد دور جو زبردست سياستدان به آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، جيڪڏھن انهن شعرن تي تحقيق ڪجي ته دنيا جو تمام علم انهن شعرن ۽ بيتن ۾ سمايل نظر ايندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعصبي بنياد پرست علمي، ادبي اڪابرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل علم تي تحقيق بجاءِ کين مسلسل نظر انداز ڪندا پيا اچن. هن دنيا جي عظيم ڏاهي پروفيسر جي علمي خزاني کي مزار تي چادرون چاڙھي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف دنيا جا محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪائناتي يونيورسٽي جي عظيم پروفيسر جي خطاب سان نوازي رهيا آهن پر بدقسمتي سان اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پير چئي چادرون چاڙھي ان جي علم ۽ شعور کي سمجهڻ کان هميشه قاصر آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان ڪل ڪائنات جي لاءِ فڪرمندي جو درس ملي ٿو، آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار ۽ روحاني حڪيم سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو عاشق يڪتا پرست نظر اچي ٿو.

بلاگ

ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي

موجوده حڪومت کي سڀ کان وڏو چئلينج ملڪ ۾ معاشي ڪمزوري جي روپ ۾ مليو هو. هڪ اهڙو وقت هو جڏهن اهو سوچيو پئي ويو ته پاڪستان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي بس صرف ان ڳالهه جو اعلان ڪرڻو آهي. پي ٽي آءِ ته ان ڳالهه تي زور ڏيندي رهي ته پاڪستان جو حال سريلنڪا وانگر ٿي چڪو آهي، پر شبر زيدي جهڙا ماڻهو پڻ واضح ڪندا رهيا ته پاڪستان ڏيوالپڻي طرف نه صرف وڌي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي.

ڪتاب تي تبصرو

ڪتاب تي تبصرو: سوکيءَ سنگھاريون

سنڌ ۾ جتي ليکڪ ذاتي تعلق کانسواءِ ڪنهن به اديب جو نالو کڻڻ جي زحمت نٿا ڪن، اتي ڪنهن لسانيات جي ماهر جي ڪتاب تي بنا واسطي يا دوستي جي لکڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ غير روايتي ڪم ضرور ليکي سگهجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته جيڪو ليکڪ ڪتاب جي اعزازي ڪاپي هٿ ۾ ڏئي ان تي ٻه لفظ ضرور لکڻ کپن. خود منهنجي ٻن ڪتابن کي 14 سال گذري ويا آهن، پر سواءِ ذاتي دوستن جي ڪنهن به نامور اديب طرفان ٻه لفظ لکڻ جي زحمت نه ڪئي وئي آهي، تازو هڪ ڪتاب “ھمعصر سياست ۽ ادب” پڌرو ٿيو، جنهن جون 40 ڪاپيون نامور اديبن کي هٿو هٿ ڏنيون ويون، پر ڪنهن هڪ ليکڪ کي به ٻه لفظ لکڻ جي اخلاقي جرئت نه ٿي سگهي آهي. ان جي باوجود هي لکيل تبصرو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين روايت جو سنگ بنياد ثابت ٿي سگهي ٿو. مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪتابن تي اڪابر اديبن طرفان راءِ نه ڏيڻ سان سنڌي ادب جو نقصان ٿي رهيو آهي.

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو ٻيون)

همراهه پيگ پورو ڪيو ۽ ڇڏيل ڪهاڻي کي اڳيان وڌايائين:
هو بيڊ تي ليٽي عورتن جي دُن بابت سوچڻ لڳو. هن سوچيو انسان جو دُن سان گهرو ڳانڍاپو ٿيندو آهي تڏهن ته جڏهن هو ما جي پيٽان نڪرندو آهي ته ناڙي جي ڪري دُن سان ئي جڙيل هوندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽي ۾ فلسفي جو شاگرد هو ته هن دُن جي حوالي سان هڪ عجيب ڳالهه پڙهي هئي. اها مستقبل ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ انسان جي بقا جي حوالي سان هئي. انسان دُن بنا انسان ئي نه هجي ها، اهو دُن آهي جيڪو انسان کي اهو بڻائي ٿو جيڪو هو آهي. يونيورسٽي جي انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ سوال طوفان جيان اڀريو هو:

بلاگ

پوليو مهم جي ڪارڪنن تي حملا ۽ زيادتي

سڄي ملڪ جي 41 ضلعن ۾ جولاءِ جي شروع کان پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي آهي. انهيءَ مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 95 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن. اسان جي سماج جو تاڃي پيٽو لڳي ٿو ته جتان ڪٿان ٽٽي رهيو آهي. خدمت خلق ڪندڙ ماڻهن جي اسان جي سماج ۾ جتي عزت به آهي ته اتي ڪجهه شيطان نما انسان انهن سان غير انساني سلوڪ به روان رکن ٿا.

وڌيڪ لوڊ ڪريو