مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

بنون واقعي جي حساسيت کي سمجهڻ ملڪي سلامتي لاءِ اهم آهي

طاقتور ادارا جڏهن به آئين کان مٿانهيون پاليسيون ٺاهين ٿا، انهن پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ قوم کي هميشه نقصان ڀوڳڻو پيو آهي، پر بجاءِ سبق سکڻ جي طاقتور ڌرين هڪٻئي جي پويان مسلسل غلطيون ڪندي ملڪ جي امن کي اڄ جي صورتحال تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

بلاگ

سنڌ سرڪار کي اسڪولن ۾ هنري تعليم شروع ڪرڻ گهرجي

غربت جو سڌو سنئون تعلق بيروزگاريءَ سان هوندو آهي پنهنجي ملڪ ۾ بيروزگاري جي ڪري ملڪي عوام جو 45 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. سبب اهو ئي آهي ته بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن بجاءِ گهٽتائي ٿيڻ جي اضافو ٿي رهيو آهي. صرف 2024ع جي لاءِ پيشنگوئي ٿي آهي ته ان ۾ تقريبن 66 لک ماڻهو وڌيڪ بيروزگار ٿيندا. ملڪ جي ڪل آدمشماريءَ جو صرف 52 سيڪڙو ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح سان ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان واڳيل آهي.

بلاگ

اسڪولن ۾ هنري تعليم ڏئي شاگردن جو مستقبل سنواري سگهجي ٿو

سنڌ جي مجموعي تعليم تباھ آھي، سنڌ جي تعليم جو معيار ڪريل آھي ۽ سنڌ جي غريب عوام جي معاشي حالت ابتري جو شڪار آهي. اھڙي صورتحال ۾ اسڪولن ۾ ٻارن کي هنري تعليم ڏئي ان قابل بڻايو وڃي ته جيئن اهي اسڪول مان ڪو هنر سکي نڪرن ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڪو ننڍو وڏو ڪم ڪرڻ جي قابل ٿين.

بلاگ

حڪومت مهانگائيءَ جو ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي

رڳو بجليءَ ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڇا مهانگائي جو ٻج ناهي؟ هاڻي پيٽرول وانگي هر دڪاندار ترن جو تيل به ترن مان ڪڍي ڄاڻي. اهي سمجهن ٿا ته ڪڻڪ جي سستي يا مهانگي ٿيڻ سان ڪجھ ناهي ٿيڻو، حڪومت ڀلي انهن کان 28 سئو ۾ مڻ خريد ڪري، پر هاڻي ته اگھ اهو ئي هوندو جيڪو رياست کي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي اگهن مان ڪمائي ڏئي.

بلاگ

ڊجيٽل آدمشماريءَ جا نتيجا سنڌ جي ماڻهن لاءِ ناقابل قبول آهن

وفاقي حڪومت گذريل سال جي ٿيل ڊجيٽل آدمشماريءَ جا جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن ان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي هٿ وٺي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ جو سنڌي ڳالهائيندڙ ڪوشش ڪندو آهي ته سندس طرفان مذهب يا ٻوليءَ جي بنياد تي نفرت جو اظهار نه ٿئي. ان جو سبب آهي ته سنڌ جو اصل رهاڪو سنڌي ڳالهائيندڙ جي اندر ۾ هڪ صوفي ۽ انسان دوست ماڻهو رهي ٿو،

بلاگ

شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ٺهندڙ تعزين جي تاريخ

حضرت امام حسين عليه السلام جي با وقار شخصيت عالم انسانيت لاءِ معتبر ۽ محبوب ترين رھندي ٿي اچي، ڪربلا جي ميدان تي سندن صبر جو ڪو مثال ئي ٿو ملي. تاريخ انسانيت ۾ اھڙا ھزارين واقعا ملن ٿا جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي اثر ڇڏي ويا ھجن، پر ڪربلا جي قضيي باضمير ماڻھن جي ذھنن تي نه صرف اثر ڇڏيو، پر انسانيت کي بيدار ڪرڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو