مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

ڇا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي سگهي ٿي؟

شهباز سرڪار هاڻي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالھ به سُجهي ٿي ته هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون نٿيون رهي سگهن يا ٻه شينهن هڪ جهنگ ۾ نٿا رهي سگهن يا نٿا ٺهي سگهن. ان ڪري هاڻي شهباز سرڪار جي به الله ٻُڌي جو اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي عمران خان پنهنجي لاءِ سڀ سامان تيار ڪري ڇڏيا هئا جو مٿان 9 مئي اچي پڳي ۽ پي ٽي آءِ جا مٿي ڦريل يوٿيا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پاڻ ئي پنهنجي گهرن کي باهيون ڏئي ويهي رهيا. ائين چئون يوٿين به عمران خان واري ڳالھ ڪئي، جنهن ڪنٽينر تي بيهي سول نافرماني ڪئي هئي،

بلاگ

عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا

موجوده هلندڙ حڪومت آمريڪا جي هڪ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ مطابق ايندڙ ارڙهن مهينن تائين برقرار رهندي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن. فچ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ موجوده حڪومت جي مدي متعلق ڳالهه ڪندي ٻيون به ڳالهيون ڪيون،

بلاگ

گڊ ٽو سي يو کان سي يو اگين

اعليٰ عدالت آمريڪي ڪانگريس جي پاس ڪيل قرارداد ۽ يو اين او جي واريل اعتراضن تحت آخر پنهنجو فيصلو ڏنو ۽ اها راءِ دٻجي وئي ته قاضي فائز عيسيٰ نون ليگ ڏانهن مائل آهي. اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته آمريڪا جو اسان کانسواءِ ۽ اسان جو آمريڪا کانسواءِ گذارو مشڪل آهي.

بلاگ

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو. آءِ ايم ايف اعلاميو جاري ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي مشتمل قرض واري پروگرام تي آماده ٿي ويو آهي، نئين قرض پروگرام جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.

بلاگ

سنڌيءَ جو بادشاهه ڪهاڻيڪار

نسيم کرل جو نالو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سنڌي ادب کي اوڻيتاليهن سالن جي عمر ۾ اوڻيتاليهه ڪهاڻيون لکي ڏنيون، پر انهن اوڻيتاليهن ئي ڪهاڻين لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي سنڌيءَ جون سرموڙ ۽ لاجواب ڪهاڻيون آهن، جن هن کي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏياري ۽ جڏهن به سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ٿيندي ته نسيم کرل جو نالو پهرين صف جي ڪهاڻيڪارن ۾ لکيو ويندو.

بلاگ

وياج بابت سنڌ صوبي ۾ نئون اسپيشل (Sindh Prohibition of Interest on Private Loans Act, 2023) قانون لاڳو

وياج پوري دنيا جو قديم ترين نفعي بخش ۽ بنا ڪنھن نقصان وارو اھڙو ڪاروبار آھي، جنھن ۾ سرمائيدار مختلف طريقن سان سيڙپ ڪري گھر ويٺي بغير ڪنھن محنت جي نفعو کائي ٿو، وياج جو ذڪر معاشي فڪر جي قديم تاريخ ۾ ھر دور ۾ ملي ٿو ته توريت ۽ انجيل ۾ به ان جو ذڪر آھي. سنڌ ۾ وياج جو ڪاروبار قديم زمانن کان مختلف شڪليون بدلائيندو ھلندو اچي.

بلاگ

سنڌ جي عوام لاءِ پيپلز پارٽي جو تحفو 20 لک 20 هزار ايڪڙ زمين ڪمپنيءَ حوالي

سنڌ جي ضلعي خيرپور جي تعلقي نارا ۾ موجود سنڌ صوبي جي سرڪاري زمين مان 20 لک ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي زرعي مقصدن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه ضلعي ڄامشوري اندر غريب ۽ بيواهه عورتن کي مليل 20 هزار ايڪڙ زمين پڻ ساڳي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار قانوني ڪارروائي ڪري رهي آهي. اهڙو انڪشاف سنڌ جي هڪ نالي واري اخبار ۾ ڪيو ويو آهي.

بلاگ

ملڪ جي سياسي شطرنج تي (ن) ليگ هڪ پيادي وانگر

سياست ڪرڻ سولو ڪم نه آهي، اهو ڪم پنهنجي ملڪ ۾ اڃان به وڌيڪ ڏکيو آهي. جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ سياست اندر اخلاقي اصول نه هوندا آهن، پر پوءِ به ڪنهن حد تائين سياسي اصول ضرور هوندا آهن ۽ انهيءَ ۾ ڪجهه اخلاقيات جو عمل دخل پڻ هوندو آهي، پر اسان وٽ سياست ۾ ڪوبه اصول نه هوندو آهي، ڪابه اخلاقيات نه هوندي آهي. سياست صرف جائز يا ناجائز طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندي آهي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو