مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چين مان امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چين مان امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽِي (اين ڊي ايم اي) جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام جي طرفان چين جا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته صوبا جيتريون به ٽيسٽون ڪرڻ چاهين ٿا ڪن سامان جي ڪابه کوٽ ناهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ وينٽيليٽرن کان وڌيڪ آڪسيجن جي ضرورت آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته صوبن کي 250 وينٽي ليٽر ڏيئي چڪا آهيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو هو ته اسان وٽ وڌيڪ 600 وينٽي ليٽر موجود آهن، پشاور ۽ ڪراچي وڃي صورتحال جو جائزو وٺنداسين. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته لاهور جي ضرورت پوري ڪئي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي رڪارڊ 111 فوتگيون ٿيون جنهن کانپوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 2 هزار 839 ٿي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو