مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ملائيشيا به پاڪستاني پائليٽن کي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ويٽنام کانپوءِ ملائيشيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي به عارضي طور تي پنهنجي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پائليٽن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير هوا بازي غلام سرور خان ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته 260 کان وڌيڪ پاڪستاني پائليٽن جا لائسنس جعلي آهن. هن جي بيان کانپوءِ يورپي يونين جي فضائي حفاظت واري ايجنسي، پاڪستان جي قومي ايئر لائين پي آءِ اي کي ڇهن مهينن لاءِ پنهنجن ملڪن ڏانهن اڏامن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن طرفان پاڪستاني پائليٽ معطل ڪيا ويا آهن. هاڻ ملائيشيا جي سول ايوي ايشن اٿارٽي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهو فيصلو ملائيشيا ۾ هلندڙ سڀني پرڏيهي پائليٽن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو