مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سشانت سنگهه کانپوءِ هڪ ٻئي هندستاني اداڪار خودڪشي ڪري ڇڏي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگھ کانپوءِ هڪ ٻيو ڀارتي ٽي وي اداڪار سشيل گوڙا پنهنجي اباڻي شهر منڊيا ۾ فارم هائوس ۾ مرده حالت ۾ مليو. ڀارتي ميڊيا جي مطابق 32 ورهين جو ٽي وي اداڪار سشيل گوڙا پنهنجي اباڻي شهر منڊيا جي هڪ فارم هائوس ۾ مئل حالت ۾ مليو. سشيل گوڙا جي موت جو سبب اڃان تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو، پر پوليس ڪيس داخل ڪري تفتيش شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته سشيل خودڪشي ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هو لاڪ ڊائون شروع ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪو ڪم ڪرڻ وارو نه هو ۽ هن ڪجهه فلم ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي جيڪا ڪجهه ڏينهن بعد رليز ٿيڻ واري هئي. حالانڪه هن جو موت فلم جي رليز ٿيڻ کان اڳ ئي ٿي چڪو آهي. اداڪار سشيل گوڙا هڪ اداڪار هئڻ سان گڏ هڪ فٽنيس ٽرينر هو ۽ هن ڊراما سيرل انت پوره ۾ به اداڪاري ڪئي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو