مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اختلاف وساري آمريڪا جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين: جوبائيڊن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اختلاف وساري آمريڪا جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. آمريڪي رياست ڊيلاوئير جي شهر ولمنگٽن ۾ حامين کي خطاب دوران آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته هي آمريڪا کي گڏ ڪرڻ جو وقت آهي. سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اختلاف وساري آمريڪا جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته آمريڪي عوام تبديلي جي لاءِ ووٽ ڏنو. ڪورونا جي وبا، خراب معيشت ۽ عوامي فلاح جا منصوبا اوليت جي بنياد تي هوندا. جڏهن ته ڪورونا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن تي ٻڌل ٽيم ٺاهي وئي آهي. جوبائيڊن چيو ته آمريڪي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي عوام آمريڪي تاريخ جا سڀني کان وڌيڪ 7 ڪروڙ 40 لک ووٽ ڏنا جنهن تي مان سندن ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته آمريڪي صدر چونڊن ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ڊيمو ڪريٽ اميدوار جوبائيڊن آخرڪار ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏئي آمريڪا جو 46 هون صدر چونڊجي ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو