مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بالي وڊ جي مقبول موسيقار جوڙي ساجد واجد جو رڪن واجد علي خان ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڀارتي ميڊيا موجب بالي وڊ جو ميوزڪ ڪمپوزر واجد علي خان ڊگھي عرصي کان گڙدي جي مرض ۾ مبتلا ھو. واجد علي خان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ميوزڪ ڪمپوزر سليم مرچنٽ چيو ته واجد ڪجھ ڏينھن کان اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھو، جتي سندس طبيعت بگڙي وئي ھئي. واجد جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب گذريل 4 ڏينھن کان ھو وينٽيليٽر تي ھو. واضح رھي ته واجد علي خان مشھور طبله نواز استاد شرافت علي خان جو پٽ ھو، جڏھن ته واجد علي خان ۽ ان جي ڀاءُ ساجد علي خان جو ميوزڪ گروپ ساجد واجد جي نالي سان مشھور آھي. ميوزڪ ڪمپوزر واجد علي خان سلمان خان تي فلمايل ٻن گانن جي موسيقي به ترتيب ڏني ھئي، جڏھن ته ھن سلمان خان سان گڏ فلمن دبنگ، ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ وانٽيڊ ۾ به ڪم ڪيو ھو.

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو