مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جرمني جي سائنسدانن انساني دماغي خلين وچ ۾ نئين قسم جا سگنل ڳولهي لڌا آهن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 

هن دريافت مان معلوم ٿيو آهي ته هڪ پاسي انساني دماغ هيستائين اسان جي سمجهه کان ٻاهر رهيو آهي ۽ ان جي ڪمپيوٽنگ قوت به غير معمولي هوندي آهي. هيءَ دريافت جرمني ۽ يونان جي ماهرن ڪئي آهي، انهن دماغ جي ٻاهرين طرف ڪارٽيڪل سيلز (خلين) تي غور ڪيو ته پتو پيو ته اهي ازخود ڪجهه سگنل خارج ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ ريت دماغ ۾ انفرادي خليه هڪ نئين طريقي سان اڳيان وڌندا آهن جنهن سان دماغ ڪيترائي منطقي عمل سرانجام ڏيندو آهي. سائنسدانن مرگي جي هڪ مريض جي دماغ ۾ روشني خارج ڪرڻ وارو ڪيميڪل وڌو ۽ اتان خلياتي سرگرمين کي خوردبين سان مشاهدو ڪيو، انهن ڏٺو ته ڪارٽيڪس جا دماغي خليه نه رڳو سوڊيم آئن خارج ڪري رهيا هئا بلڪه ڪيلشم جا آئن به خارج ڪري رهيا هئا. ان قسم جا واڌو چارج وارا آئن ان کان پهرين نه ڏٺا ويا هئا. انساني دماغ ۽ ڪمپيوٽر کي تشبيهه ڏني وڃي ٿي ٻئي ڪنهن حد تائين هڪ ئي طريقي سان ڪم ڪن ٿا ٻنهي کي ڪم ڪرڻ لاءِ برقي سگنل استعمال ڪرڻا پون ٿا. انساني دماغ ۾ نيورون ڪم ڪن ٿا جڏهن ته ڪمپيوٽر ۾ چپ ۽ ٽرانسسٽر اليڪٽرانڪ فائر ڪن ٿا.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو