مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خاشقجي کي سعودي عرب قتل ڪرايو آهي، رپورٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

 گڏيل قومن جي تحقيقاتي ڪميٽي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته جمال خاشقجي کي سعودي عرب منصوبا بندي تحت قتل ڪرايو آهي.عالمي اداري جي تحقيقات دوران تمام ثبوت ۽ واقعي واري هنڌ جي جاچ کانپوءِ تحقيقات ڪندڙ ايگنيز ڪليمرڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جمال خاشقجي کي هڪ منصوبي تحت  وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيو ويو آهي. ۽ ان جو ذميدار سعودي عرب آهي. جنهن ترڪي جي تحقيقات ۾ پڻ رکنو وڌو آهي. جمال خاشقجي جو سفاڪاڻو قتل هن جي خاندان لاءِ هڪ صدمي جو سبب بڻجڻ سميت  عالمي سطح تي به  خراب اثر کڻي آيو آهي. واضح رهي ته اها تحقيقاتي رپورٽ جون جي مهيني ۾ انساني حقن واري ڪميشن ۾ پيش ڪئي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو