مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪشمير جي شاگردن کي هندو انتها پسندن کان بچائڻ واري صحافڻ کي ڌمڪيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪشمير جي شاگردن کي انتها پسند هندوئن کان بچائڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏيندڙ ڀارتي صحافڻ ساگريڪا کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون. 26 سالن جي ڀارتي صحافڻ ساگريڪا هڪ ڪشميري ڇوڪري آهي ۽ ڄمون جي رهائشي آهي، جيڪا آن لائين نيوز چئنل لاءِ ڪم ڪندي آهي. پلواما حملي کانپوءِ جڏهن ڀارت ۾ ڪشميرين تي حملا ڪيا پيا وڃن ته ان مهل ساگريڪا ڪشميري مسلمانن کي پناهه ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ هن نه رڳو 18 ڪشميرين کي پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني پر انهن کي حفاظت سان پنهنجي گهرن تائين به رسايو هو. ٻئي پاسي ساگريڪا مودي سرڪار خلاف لکندي به رهي ٿي ۽ ڪشمير اندر ٿيندڙ ڏاڍ تي به لکندي رهندي آهي. جنهن بعد هندو انتها پسند سوشل ميڊيا تي صحافڻ کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن جنهن سبب سندس جان خطري ۾ پئجي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو