مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

برطانوي پارليامينٽ وزيراعظم کان بريگزٽ تي فيصلي جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو
  1. برطانيا جي پارليامينٽ هڪ قرار داد ذريعي ملڪ جي وزيراعظم کان بريگزٽ جي معاملي تي اختيار واپس وٺي پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا آهن. قرار داد جي مخالفت ۾ 302 جڏهن ته حق ۾ 329 ووٽ وڌا ويا جنهن ۾ حڪومت جي ڪجهه وزيرن به قرار داد جي حق ۾ ۽ وزيراعظم خلاف ووٽ وڌا آهن. اهو فيصلو تڏهن ورتو ويو جڏهن هن قرار داد آڻڻ لاءِ  برطانيه جا ڏهه لک شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ برطانوي پاليامينٽ جي ڪجهه ميمبرن پاران حڪومت خلاف بغاوت ڪئي وئي. واضح رهي ته ان قسم جي فيصلي جا اختيار پارليامينٽ پاڻ ئي وزيراعظم کي ڏنا هئا جڏهن بريگزٽ جو معاملو اڳيان وڌڻ لڳو ته اپوزيشن سان گڏ حڪومت جا ميمبر به ان جي خلاف اٿڻ لڳا. ياد رهي ته گذريل سال برطانيه جي عوام هڪ ريفرنڊم ذريعي فيصلو ڪيو هو ته برطانيه کي يو رپي يونين کان الڳ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي بريگزٽ مخالف ميمبرن  استعيفيٰ به ڏنا هئا. جڏهن ته هن وقت تائين اهو معاملو ختم نه ٿيو آهي ۽ يورپي يونين کان عليحدگي لاءِرکيل ڊيڊ لائين ويجهو پهچي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو