مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽوئيٽر پروپيگنڊا جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيهه هزار کان وڌيڪ اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سوشل ميڊيا ڪمپنيز پنهنجي پليٽ فارم تي پروپيگنڊا پکيڙيندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪافي سرگرم نظر اچي رهيون آهن ۽ تازوئي ٽوئيٽر پروپيگنڊا ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئيٽر مبينا طور تي پروپيگنڊا جي لاءِ استعمال ٿيدڙ هزارين اڪائونٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر  پروپيگنڊا ڪندڙ 32 هزار 342 اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن. ڪمپني موجب پليٽ فارم قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڀڃڪڙي ڪندڙن مان گهڻن اڪائونٽن جو تعلق چين، روس ۽ ترڪي سان آهي. مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئيٽر ٻڌايو ته معطل ڪيل اڪائونٽن ۾ 23 هزار اڪائونٽ چين مان آهن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته بند ڪيل اڪائونٽ هانگ ڪانگ ۾ جمهوريت نواز  مظاهرن ۽ ڪورونا وائرس جي حوالي سان مخصوص موقف پکيڙي رهيا آهن. ياد رهي ته ٽوئيٽر جعلي ڄاڻ ۽ افواهن کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي ۽ هر نئين ڏينهن نيون پاليسيون ۽ فيچر کي پنهنجي ايپ ۾ به شامل ڪري رهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو