مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بالي ووڊ فلم “پي ڪي” جي سرفراز خودڪشي ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق هندستاني اداڪار سوشانت سنگهه راجپوت ممبئي جي شهر باندرا ۾ هن جي گهر تي مرده حالت ۾ مليو آهي. اداڪار سوشانت سنگهه جي ويجهي دوست سدھار چوڌري به هڪ ٽوئيٽ ۾ ان جي تصديق ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته سوشانت ممبئي ۾ پنهنجي گهر تي پاڻ کي ڦاسي ڏيندي خودڪشي ڪئي آهي. سوشانت سنگهه جي ويجهي دوست سدھار چوڌري اهو به چيو ته دستاويزن جي مطابق هو ڊپريشن جو علاج ڪرائي رهيو هو. ڀارتي ميڊيا مطابق سوشانت سنگهه پنهنجي گهر ۾ اڪيلو رهندو هو،  خودڪشي جي اطلاع ملندي ئي پوليس اداڪار جي گهر پهچي وئي جتي واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي. پوليس رپورٽ جي انتظار ۾ اداڪار سوشانت سنگهه جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو آهي. پوليس موجب، پنج ڏينهن اڳ اداڪار جي اڳوڻي مئنيجر ديشا سلان پڻ خودڪشي ڪئي جيڪا ڊپريشن ۾ مبتلا هئي. ياد رهي ته اداڪار سوشانت سنگهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڊراما “ڪس ديش ۾ هي ميرا دل” سان ڪئي ۽ بعد ۾ هن فلم “پي ڪي” ۾ سرفراز جو ڪردار ادا ڪيو،  جنهن کيس تمام گهڻي شهرت ڏني.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو