مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪي صدر ۽ سندس گهرواري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گهرواري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي ذريعي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪئي. ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته هن جي گهرواري ميلانيا جي به ڪورونا وائرس واري ٽيست مثبت آئي آهي، هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اميد آهي ته هوءَ جلد ئي صحتياب ٿي ويندي. ٽرمپ جي اهم صلاحڪار به ڪورونا ۾ مبتلا ان کان اڳ گذريل ڏينهن ئي آمريڪي صدر جي اهم صلاحڪار هوپ هڪس جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي هئي، جنهن تي ٽرمپ ۽ هن جي گهرواري پاڻ کي آئسوليٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. برطانوي خابرو اداري موجب 31 سالن جي آمريڪي صلاحڪار هوپ هڪس کي ٽرمپ جي انتهائي ويجهن صلاحڪارن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ هو اڪثر دورن تي آمريڪي صدر سان گڏ هوندي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو