مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

سنڌيءَ جو بادشاهه ڪهاڻيڪار

نسيم کرل جو نالو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سنڌي ادب کي اوڻيتاليهن سالن جي عمر ۾ اوڻيتاليهه ڪهاڻيون لکي ڏنيون، پر انهن اوڻيتاليهن ئي ڪهاڻين لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي سنڌيءَ جون سرموڙ ۽ لاجواب ڪهاڻيون آهن، جن هن کي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏياري ۽ جڏهن به سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ٿيندي ته نسيم کرل جو نالو پهرين صف جي ڪهاڻيڪارن ۾ لکيو ويندو.

بلاگ

وياج بابت سنڌ صوبي ۾ نئون اسپيشل (Sindh Prohibition of Interest on Private Loans Act, 2023) قانون لاڳو

وياج پوري دنيا جو قديم ترين نفعي بخش ۽ بنا ڪنھن نقصان وارو اھڙو ڪاروبار آھي، جنھن ۾ سرمائيدار مختلف طريقن سان سيڙپ ڪري گھر ويٺي بغير ڪنھن محنت جي نفعو کائي ٿو، وياج جو ذڪر معاشي فڪر جي قديم تاريخ ۾ ھر دور ۾ ملي ٿو ته توريت ۽ انجيل ۾ به ان جو ذڪر آھي. سنڌ ۾ وياج جو ڪاروبار قديم زمانن کان مختلف شڪليون بدلائيندو ھلندو اچي.

بلاگ

سنڌ جي عوام لاءِ پيپلز پارٽي جو تحفو 20 لک 20 هزار ايڪڙ زمين ڪمپنيءَ حوالي

سنڌ جي ضلعي خيرپور جي تعلقي نارا ۾ موجود سنڌ صوبي جي سرڪاري زمين مان 20 لک ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي زرعي مقصدن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه ضلعي ڄامشوري اندر غريب ۽ بيواهه عورتن کي مليل 20 هزار ايڪڙ زمين پڻ ساڳي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار قانوني ڪارروائي ڪري رهي آهي. اهڙو انڪشاف سنڌ جي هڪ نالي واري اخبار ۾ ڪيو ويو آهي.

بلاگ

ملڪ جي سياسي شطرنج تي (ن) ليگ هڪ پيادي وانگر

سياست ڪرڻ سولو ڪم نه آهي، اهو ڪم پنهنجي ملڪ ۾ اڃان به وڌيڪ ڏکيو آهي. جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ سياست اندر اخلاقي اصول نه هوندا آهن، پر پوءِ به ڪنهن حد تائين سياسي اصول ضرور هوندا آهن ۽ انهيءَ ۾ ڪجهه اخلاقيات جو عمل دخل پڻ هوندو آهي، پر اسان وٽ سياست ۾ ڪوبه اصول نه هوندو آهي، ڪابه اخلاقيات نه هوندي آهي. سياست صرف جائز يا ناجائز طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندي آهي.

بلاگ

اسلام ۾ روئڻ جي اهميت

روئڻ هڪ فطري عمل آهي جنهن جو پھريون دليل هي آهي بغير ڪنهن مذهب ۽ ملت جي قيد جي هر انسان جڏهن به ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ٿو يا ڪو عزيز پيارو ماڻهو وڃائي ويهندو آهي ته سندس اکيون خود به خود ڳوڙها ڳاڙينديون آهن، جيتري وڌيڪ مصيبت هوندي اوترو ئي وڌيڪ سندس دل کي جهٽڪو لڳندو آهي روئڻ به انھي ڳالهه کي سمجهيو ويندو آهي.

بلاگ

پاڻي جي وهڪرن کي رستا ڏنا وڃن ۽ هر شهر جي لاءِ ماسٽر پلان جي ضرورت آهي

شهري آبادين ۾ ٻوڏ جو اچڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي نه ئي ڪو اربن فلڊ ڪو اجنبي لفظ آهي يا ڪا انوکي وارتا آهي. ڇو ته ڪراچي کان لاهور ۽ پشاور تائين ملڪ جا سمورا شهر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مون سون دوران شهري ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيا آهن. گذريل سالن کان وٺي موسمياتي تبديليون شديد ترين ۽ غير يقيني موسمي صورتحالون کڻي آيون آهن،

بلاگ

مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ حوالي سپريم ڪورٽ جو فيصلو، آئيني يا مقبوليت وارو!

سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ مخصوص ۽ اقليتي سيٽن جو فيصلو پنجن جي مقابلي ۾ اٺن ججن جي تناسب سان ٻڌايو ويو آهي. جنهن فيصلي تحت مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جي حوالي ڪيون ويون آهن. جڏهن چونڊون ٿيون ته ان وقت پي ٽي آءِ جا اميدوار آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهيا هئا.

بلاگ

ڊائري جا ورق

مان هاڻ عمر جي ان حصي ۾ پهچي چڪو آهيان، جتان کانپوءِ نوجواني جي حد ختم ٿي، پيري وارو دور شروع ٿو ٿئي. 38 يا 40 سالن تي پهچي ويو آهيان ۽ هاڻ مان ڏسي رهيو آهيان ته منهنجو جسم، عضوا ۽ وار به جواني جا آثار ڇڏڻ لڳا آهن. ڏاڙهي ته اڌ کان مٿي اڇي ٿي چڪي آهي. هاڻ جسم ۾ اها طاقت به ڪانه رهي آهي. محنت واو معمولي ڪم به سهڪايو ڇڏي. ٻه چار ڀيرا مُڇن کي خضاب جو رنگ لڳايم، پر پوءِ اهو سڀ مونکي فضول لڳو ۽ ڇڏي ڏنم. سوچيان ٿو ته وقت کي روڪڻ واري ڪوشش اجائي آهي.

بلاگ

فقير محمد سنڌيءَ سان ٻالڪ ادب بابت ڳالھ ٻولھ…!

فقير محمد سنڌي 7 جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ دين محمد جي گهر جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب 2006ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ديني تعليم ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان 1998ع تي پاس ڪيائين ۽ درس نظاميءَ جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان فارغ التحصيل سان ڪيو.

بلاگ

ڪتاب تي تبصرو: ”انڊلٺي پيچرا“ جو اڀياس

شاعري خاص ڪري ٻن موضوعن تي تمام گهڻي لکي وڃي ٿي، جيڪي موضوع خاص آھن، انهن ۾ حب الوطني ۽ رومانيت هي ٻه موضوع اهڙا آھن جن تي سڀ کان وڌيڪ شاعري ٿي آھي/ٿئي ٿي. رومانيت سان گڏ حب الوطني ۽ حب الوطني سان گڏ رومانيت شاعريءَ جا سگهارا موضوع رهيا آھن.

وڌيڪ لوڊ ڪريو