وياج پوري دنيا جو قديم ترين نفعي بخش ۽ بنا ڪنھن نقصان وارو اھڙو ڪاروبار آھي، جنھن ۾ سرمائيدار مختلف طريقن سان سيڙپ ڪري گھر ويٺي بغير ڪنھن محنت جي نفعو کائي ٿو، وياج جو ذڪر معاشي فڪر جي قديم تاريخ ۾ ھر دور ۾ ملي ٿو ته توريت ۽ انجيل ۾ به ان جو ذڪر آھي. سنڌ ۾ وياج جو ڪاروبار قديم زمانن کان مختلف شڪليون بدلائيندو ھلندو اچي. ڪجھ واڻيا، ڪجھ پٺاڻ، ڪي ٻيا مسلمان مالدار به وياج جو ڪاروبار ڪندڙ آھن. ڍڳو، مينھن، ٻڪري، موبائل فون، بيٽري، سولر پليٽن، ٽي وي، فرج، موٽرسائيڪل، ڪار، گھر سميت ھر شيءِ وياج تي قسطن ۾ ملي ٿي. وياج جا قرض واپس نه ڪري سگھڻ تي سنڌ ۾ نياڻيون به گروي رکيون ويون آھن. اھڙي ھڪ خبر تازو شايع ٿي آھي، جنھن ۾ ڄاڻايل آھي ته 20 ھزار قرض جي عدم ادائگي عيوض پيءُ پنھنجي ڌيءَ کي وياڄي وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي. ان قسم جون خبرون اخبارن ۾ ڇپبيون ۽ ٽي وي چينلن تان نشر ٿينديون رھن ٿيون. اھڙين ئي حالتن جي ڪري صدين کان وياج جي ڪاروبار کي ھڪ سماجي برائي قرار ڏنل آھي.