ڪهاڻي: خزانو
امداد الله وڏيرو چڱن جريبن جي ٻنيءَ جو مالڪ هو، پر سندس حوَس پوري نه ٿيندي هئس، منجھس صبر ۽ قناعت بلڪل نه هئي، هميشه پنهنجي ٻنيءَ جي ٽڪر ۽ پئسن کي وڌائڻ جا منصوبا پيو ٺاهيندو هو، جيڪي وٽس هو انهيءَ تي صبر ۽ شڪر جي بدران پيو چوويهه ڪلاڪ گھاٽ گھڙيندو هو.