هاڻي عوام تي ذميواري آهي ته پنهنجي ووٽ کي بهتر حڪمراني جي لاءِ ڪيئن ٿو استعمال ڪري
گذريل رات 12 وڳي چونڊن جي مهم ختم ٿي چڪي آهي. اڄ جو ڏينهن عوام کي فيصلي ڪرڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي ته هو ڪهڙي اميدوار ۽ ڪهڙي پارٽي کي بهتر سمجهي ٿو ۽ ان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ٿو.