پريس ڪلب کي رجسٽر ڪرائڻ جا قانوني طريقا موجود آهن
Advocate Salah Memon
ڪالم نگار، صحافي
ايئن پريس ڪلب کي قانوني تحفظ ملي وڃي ٿو ته رجسٽريشن کانپوءِ ان کي ڪوبه بند يا سيل نٿو ڪرائي سگھي. نه ته ھر ٻي صورت ۾ اڻ رجسٽر پريس ڪلب، ان جي آفيس، سائن بورڊ ۽ سرگرميون غير قانوني آھن. رجسٽريشن اٿارٽي يا ضلعي جو ڊي سي ان کي سيل ڪرڻ جا مڪمل اختيار رکي ٿو، جنھن جو قانوني اختيار ۽ طريقو به قانون ۾ موجود آھي. Sindh Charities Act 2019 تحت به ھر پريس ڪلب جي رجسٽريشن کي لازمي ڪيو ويو آهي. پريس ڪلب جي رجسٽريشن لاءِ قانوني طريقا بيان ڪجن ٿا، سڀ کان عام ۽ قانوني طريقو Societies Registration Act, 1860 +Sindh Charities Act, 2019 تحت آھي، قانون مطابق پريس ڪلب جي رجسٽريشن Office of the Registrar, Joint Stock Companies & Societies, Government of Sindh, Hyderabad Region وٽ ٿيندي آھي، ان جو طريقيڪار ھي آھي:
1) گهٽ ۾ گهٽ 7 باني ميمبر هجن، سڀ ميمبر سَند يافته صحافي هجن، انھن وٽ گھربل سندون ھجن، جنھن ۾ رجسٽرڊ ميڊيا جي اداري جو ڪارڊ ۽ صحافتي تجربي جو سرٽيفڪيٽ لازمي ڪيل آھي.
2) نالو محفوظ ڪرائڻ لاءِ پهريان رجسٽرار جي آفيس ۾ درخواست ڏئي نالو چيڪ ڪرائبو ته پريس ڪلب جو جيڪو به نالو توهان رکو ٿا، اهو اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ته ناهي، ايئن نالو طئي ٿيندو.
3) درخواست وارو فائيل تيار ڪرڻ وڪيل جو ڪم آھي، ڪنھن به وڪيل جي معرفت هي ڪاغذ تيار ٿيندا، ميمورينڊم آف ايسوسي ايشن، جنهن ۾ لکيل هوندو ته پريس ڪلب جو مقصد ڇا آهي؟ (صحافين جي فلاح ۽ صحافت جي آزادي وغيره)، پريس ڪلب جو آئين، جنهن ۾ لکيل هوندو ته صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻيا عھديدار ڪيئن چونڊبا، ميمبرشپ ڪيئن، ڏبي، فنڊ ڪٿان وٺبا، ڪيئن استعمال ڪبا ۽ پريس ڪلب کي ڪھڙي طريقي سان ھلائبو؟ 7 ميمبرن جا شناختي ڪارڊ، فوٽو ۽ صحافتي ثبوت شامل ھوندا. پريس ڪلب جي آفيس واري جاءِ جي ملڪيت جو ثبوت يا ڪرائي تي ورتل جاءِ جي ايگريمينٽ جي ڪاپي به فائيل ۾ شامل ھوندي.
4) رجسٽريشن لاءِ چالان ذريعي نيشنل بينڪ ۾ في جمع ٿيندي جيڪا تقريبن 10 ھزار رپيا ٿي سگھي ٿي.
5) سوسائيٽيز ۽ چيريٽيز ڪميشن جي اين او سي به نئين قانون مطابق لازمي ھوندي، اھڙو فائيلSindh Charities Registration and Facilitation Commission, Karachi ڏانهن ويندو، اهي تصديق ڪندا ته هي پريس ڪلب سياسي يا تجارتي مقصد لاءِ ته ناهي.
6) سڀ ڪجھه ٺيڪ هجي ته 45 کان 60 ڏينهن ۾ توهان کي رجسٽريشن جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو، جنهن ۾ توھان جو رجسٽريشن نمبر هوندو. ان بنياد تي بينڪ ۾ نالي سان اڪائونٽ کلندو.
رجسٽريشن جو ٻيو طريقو: Voluntary Social Welfare Agencies Ordinance 1961 تحت به آھي، ھن طريقي سان سوشل ويلفيئر کاتي ۾ لاڳاپيل ضلعي ۾ رجسٽريشن ٿيندي آهي، پر هي پريس ڪلب جي رجسٽريشن لاءِ ڪمزور پاسو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ اھڙي رجسٽريشن واري پريس ڪلب کي مڪمل پريس ڪلب تسليم نٿي ڪري. رجسٽريشن جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ ڪافي ناهي، ان کانپوءِ، ڊويزنل سطح تي قائم يونين آف جرنلسٽ کان الحاق به وٺڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ڊويزن حيدرآباد آھي ته پريس ڪلب جي رجسٽريشن کانپوءِ توهان کي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ ۾ الحاق وٺڻو پوندو، تڏهن توهان کي باقاعدي تسليم ڪيو ويندو ۽ بينڪ اڪائونٽ لاءِ FBR کان NTN وٺي پريس ڪلب جي نالي تي بينڪ اڪائونٽ کولڻ کي به ھاڻ لازمي ڪيو ويو آھي. سالياني آڊٽ رپورٽ به هر سال رجسٽرار جي آفيس ۾ جمع ٿيڻ لازمي ڪيل آھي، نه ته رجسٽريشن معطل يا ختم ٿي ويندي. اڻ رجسٽرڊ پريس ڪلب جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، اُن جي آفيس کي ڪنھن به وقت ڪوبه شھري باقاعده درخواست ڏئي سيل ڪرائي، بورڊ ھٽرائي سگھي ٿو ۽ سرگرمين تي پابندي لڳرائي سگھي ٿو ۽ اڻ رجسٽر پريس ڪلب کي تڪراري بڻائي سگھي ٿو. سرگرميون ڪندڙن تي ايف آءِ آرون به داخل ڪرائي سگھي ٿو. ڀلي ڪو چوي ته چرس ھلي پيو ته پريس ڪلب رجسٽريشن کانسواءِ ڇو نٿو ھلي سگھي؟
هي مضمون ڪيئن رهيو؟