مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن
بلاگ

جاپاني ماهرن روبوٽ مستري ڇڏيا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان گهربل آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جاپان نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ انڊسٽريل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (اي آءِ ايس ٽي) جي ماهرن وڏي مهارت سان هڪ انسان جهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي. جيڪو تعميراتي ڪمن ۾ مزدوري ڪري سگهي ٿو. ان نئين روبوٽ کي (ايڇ آر پي فائيو پي) HRP5P جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ڊزائين ۾ خاص نواڻ آڻيندي ان کي وڌيڪ لچڪدار ٺاهيو ويو آهي جيڪو بلڊنگن ۾ هڪ مزودر وانگر ڪم ڪري سگهي ٿو. هن وقت اهو روبوٽ سست رفتار سان ڪم ڪري ٿو جڏهن ته اڳتي هلي ان جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪري سگهبو. هي روبوٽ مزدورن جي طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو نون ٺهندڙ گهرن جي اڏاوت لاءِ استعمال ٿيندو، جيڪي هن وقت ته ننڍا ننڍا ڪم ڪري سگهي ٿو پر بعد ۾ اهي مڪمل گهر ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.