مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

صارفين هاڻ واٽس ايپ جي ذريعي پئسا به موڪلي سگهن ٿا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گذريل سال جون ۾ واٽس ايپ هڪ بهترين فيچر گرائونڊ بريڪنگ متعارف ڪرايو هو جنهن تحت واٽس ايپ صارفين مائٽن ۽ دوستن کي پيغامن کان علاوه پئسا به موڪلي سگهن ٿا. ياد رهي ته هن فيچر کي متعارف ڪرائڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان کي معطل ڪيو ويو هو. واٽس ايپ جي هن نئين فيچر کي صارفين ۾ مشهوري ملي هئي جنهن سبب هاڻ هن فيچر ٻيهر ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. شروعات ۾ هن فيچر کي برازيل جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ ڪمپني جو چوڻ هو ته ان کي ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. ان اعلان جي هڪ هفتي کان به گهٽ وقت جي دوران برازيل ۾ مسابقتي خدشن کي نظر ۾ رکندي ان سروس کي معطل ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ جي ان سروس ٻيهر ڪم شروع ڪري ڏنو آهي جنهن کان پوءِ واٽس ايپ صارفين ويزا ۽ ماسٽر ڪارڊ جي ذريعي هن سروس مان فائدو وٺندي رقم منتقل ڪري سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو