فيس بڪ گروپ ڪمينٽس جي لاءِ اپ ۽ ڊائون ووٽ جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي
اوهان ڪيترين ئي ويب سائٽن تي تبصرا ڪرڻ سان گڏوگڏ تير جي مٿين ۽ هيٺين رخ جا نشان ڏٺا هوندا. ان کي ڪمينٽس ڪي اپ ۽ ڊائون ووٽنگ چوندا آهن. هاڻ فيس بڪ مختلف گروپن جي لاءِ هن آپشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح ڪنهن گروپ تي جاري بحث ۾ شامل ماڻهن جي راءِ کي اوهان ووٽ يا ڊائون ووٽ ڏئي تبصري کي اهم بڻائي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي. فيس بڪ نومبر 2020 ۾ ان تي ڪم شروع ڪيو هو ۽ هاڻ ٻيهر ان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح ڪنهن جي راءِ کي قابل قدر يا غير اهم قرار ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا جي هڪ ماهر پنهنجي بلاگ ۾ ان جي نشاندهي ڪئي آهي، پر اها خبر ناهي ته هي آپشن ڪڏهن پيش ڪيو ويندو ۽ ان جي اندروني آزمائش ڪيستائين جاري رهندي. ان کان اڳ 2010 ۾ به فيس بڪ گروپ جي بجاءِ گڏيل صارفين جي پوسٽ تي به اپ ۽ ڊائون ووٽنگ جي سهوليت جو تجربو ڪيو ويو هو. ڏٺو وڃي ته فيس بڪ ان کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو، پر ڪمپني جي ٻيهر ان آپشن ۾ دلچسپي سان خبر پوي ٿي ته فيس بڪ هن آپشن کي بطور ڪمينٽ ماڊريشن استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، پر فيس بڪ ان جا وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟