مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

دبئي ٻه هزار ٽيويهه ۾ روبوٽ ٽيڪسيون متعارف ڪرائيندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دبئي جي بادشاهه شيخ همدان بن محمد باضابطه اعلان ڪيو آهي ته 2023 کان دبئي ۾ روبوٽ ٽيڪسيون هلايون وينديون. هي خودڪار ٽيڪسيون ڪروز نالي ڪمپني تيار ڪندي جنهن جي پويان هونڊا ۽ جنرل موٽر جهڙا ادارا شامل آهن. اميد آهي ته ٻن سالن جي دوران دبئي جي روڊن تي خودڪار ٽيڪسيون ڊوڙنديون. ڏٺو وڃي ته ان جي لاءِ حتمي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر واضح طور تي 2023 ۾ ان جي شروعات ٿيندي. ڪروز ڪمپني پهريون ڀيرو 2019 ۾ روبوٽ ٽيڪسيون پيش ڪيون هيون، هي هڪ طرح جي ٽيڪسي سروس هوندي جنهن ۾ سواريون ڪنهن شٽل گاڏي جيان ويهي سگهنديون. هر ڪار ۾ اسٽيئرنگ نه هوندو ۽ نه ئي ڪو پيڊل ملندو، پر ڪروز ڪمپني چيو آهي ته 2030 تائين اهڙيون 4000 ٽيڪسيون پوري دبئي ۾ ڊوڙي رهيون هونديون. 2022 ۾ جي ايم ڪمپني جي ڊينرائٽ ڪارخاني ۾ دبئي جي لاءِ گاڏين جي تياري شروع ٿيندي. ڪورونا 19 جي حوالي سان روبوٽ ٽيڪسي ۾ حفاظتي قدم متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ هر چڪر کانپوءِ گاڏي کي سينيٽائز ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو